پوليس جي وردي پائڻ تي مريم نواز خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست داخل

لاهور: سيشن ڪورٽ لاهور ۾ پنجاب پوليس جي وردي پائڻ تي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪري ڇڏي.

درخواست آفتاب باجوه ايڊووڪيٽ طرفان داخل ڪئي، درخواستگذار پنهنجي موقف ۾ چيو ته مريم نواز پوليس آفيشل جي وردي پاتي، قانون موجب ڪوبه شخص رياستي ادارن جي وردي نٿو پائي سگهي

درخواستگذار وڌيڪ چيو ته پوليس کي مريم نواز جي خلاف درخواست ڏني پر ڪارروائي نه ٿي، عدالت پوليس جي وردي پائڻ تي مريم نواز جي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي.

ياد رهي ته چوبنگ پوليس ٽريننگ ڪاليج ۾ پاسنگ آئوٽ پريڊ ٿي جنهن ۾ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز بطور مهمان خاص طور شرڪت ڪئي، پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز پوليس جي وردي پائي پريڊ جو معائنو به ڪيو