آمريڪا هڪ دفعو ٻيهر ايران سان واپار ڪندڙ ملڪن کي خبردار ڪري ڇڏيو

واشنگٽن: آمريڪا هڪ دفعو ٻيهر ايران سان واپار ڪندڙن کي خبردار ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي وزارت جي ترجمان ويدانت پٽيل چيو آهي ته ايران سان واپار ڪندڙ ملڪ تي امڪاني پابنديون لڳي سگهن ٿيون.

آمريڪي پرڏيهي وارت طرفان جاري ڪيل پريس رليز موجب واشنگٽن ۾ پريس بريفنگ دوران پرڏيهي وزارت جي نائب ترجمان ويدانت پٽيل کان هڪ صحافي سوال ڪيو ته ايراني صدر پاڪستان جي دوري تي آهي ۽ ان جي دوري دوران پاڪستان ۽ ايران 8 مفاهمتي ياداشتن تي صحيحون ۽ ٻطرفي واپار کي 10 ارب ڊالرن تائين کڻي وڃڻ تي اتفاق ڪيو. آمريڪا اهڙن معاهدن کي  ڪهڙي نظر سان ڏسي ٿو؟

جواب ۾ پرڏيهي وزارت جي نائب ترجمان ويدانت پٽيل واضح ڪيو ته ايران سان واپار ڪندڙن تي امڪاني پابنديون لڳي سگهن ٿيون. سمورن ملڪن کي پابندين جي امڪاني خطري کان آگاهه رهڻ جو مشورو ڏيون ٿا، پاڪستان پرڏيهي پاليسي جي تحت ايران سان معاملا ڏسي سگهي ٿو.

چين ۽ بيلاروس ڪمپنين تي پابندين بابت سوال تي نائب ترجمان ويدانت پٽيل جواب ڏيندي دعويٰ ڪئي ته اهي ادارا تباهي پکيڙيندڙ هٿيارن جي ورهاست جا ذريعا هئا. هن چيو ته اسان تباهي پکيڙيندڙن هٿيارن جي سپلاءِ خلاف آواز اٿاريندا رهنداسين