زھر جو خدشو، بشريٰ جون ٽيسٽون ڪرائي پيش ڪريو:عدالت

اسلام آباد : سلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گهرواري بشرا بي بي طرفان بني گالا جي سب جيل ۾ قيد دوران بنيادي حقن جي ڀڃڪڙين خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪندي اڳوڻي خاتون اول جو سومر تائين ميڊيڪل رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو،ٻڌڻي جي شروعات تي پبلڪ پراسيڪيوٽر عبدالرحمان ايڊووڪيٽ جنرل جي غير حاضري تي عدالت کان معذرت ڪئي، هن چيو ته ايڊووڪيٽ جنرل اڄ هتي ناهيان، ٻيهر معافي گهران ٿو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي حڪم تي عمل نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب رمارڪس ڏيندي چيو ته اسان ايڊووڪيٽ جنرل کي چيو هو ته اسان جي اڳوڻي حڪم تي عمل ڪيو وڃي، اسان جي حڪم تي عمل ڇو نه ڪيو ويو؟ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد کي فوري طور تي طلب ڪري ورتو.عدالت پبلڪ پراسيڪيوٽر کي هدايت ڪئي ته وڃي ايڊووڪيٽ جنرل کي طلب ڪيو وڃي.جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب وڌيڪ چيو ته ايڊووڪيٽ جنرل طرفان عدالت جو سهڪار نه ڪرڻ تي وفاق کي ٻڌائيندس.بعد ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عدم تعاون تي ايڊووڪيٽ جنرل خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي جي نشاندهي ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.ڪجهه دير کانپوءِ ٻڌڻي ٻيهر شروع ٿيڻ تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بشرا بي بي کي اسلام آباد ڊائيگناسٽڪ سينٽر يا ايڪسل ليب ۾ طبي معائنو ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.عدالت درخواستگذار جي ٽيسٽ رپورٽ سومر تائين پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

If you are afraid of poison