اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي، 100 انڊيڪس 72 هزار جي حد پار

ڪراچي: پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ رڪارڊ ٺھڻ جو سلسلو جاري آهي. اربع ڏينهن مارڪيٽ ۾ تيزي سان شروعات ڏسڻ ۾ آئي ۽ 100 انڊيڪس 686 پوائنٽس وڌي 72046 تي پهچي ويو. اهو پهريون ڀيرو آهي ته 100 انڊيڪس 72 هزار جي حد پار ڪئي آهي. جڏهن ته انڊيڪس انٽرا ڊي ٽريڊ دوران 935 پوائنٽس وڌي 72294 تي پهچي ويو.ٽريڊنگ دوران انڊيڪس 1000 پوائنٽس جي واڌ سان تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 72 هزار جي نفسياتي سطح پار ڪري ويو، انڊيڪس ۾ هن وقت تائين 1055 پوائنٽس جو اضافو ٿي چڪو آهي.100 انڊيڪس 1055 پوائنٽن جي واڌ سان 72 هزار 414 تي پهچي ويو جڏهن ته انڊيڪس 1.14 سيڪڙو اضافو ٿيو.100 انڊيڪس آخري واپاري ڏينهن تي 71 هزار 359 تي بند ٿيو. ماهرون جو چوڻ آهي ته سعودي عرب پاران پنج ارٻ دالر جي سيڙپ ۽ ايران پاران ٻطرفو واپار 10 ارب دالر تائي ڪرڻ، آءِ ايم ايف پاران هڪ ارب 10 ڪروڙ ڊالي جي قسط جاري ٿيڻ ۽ نئون پروگرام ملڻ وارين خبرن بعد مارڪيٽ ۾ تيزي نظر اچي پئي. سيڙپڪارن جو ڇوڻ آهي ته وڏي ماليت وارا شيئر وڌائي انڊيڪس کي مٿي ڇڪيو ويو آهي ان سان ننڍن سيڙپڪارن کي ڪو خاص فائدو ناهي ٿيو.

100 index crosses 72Stock exchange bullish