پ پ پاران يوسف رضا گيلاني سينيٽ چيئرمين لاءِ نامزد

اسلام آباد :پاڪستان پيپلزپارٽي سينيٽ چيئرمين جي عهدي لاء يوسف رضا گيلاني کي نامزد ڪري ڇڏيو آھي , پيپلزپارٽي سيڪريٽريٽ پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته پيپلزپارٽي جي چيئرمين جي سيڪريٽري جميل سومري ان حوالي سان نوٽيفڪشن به جاري ڪيو آھي ياد رهي ته مسلم ليگ ن ۽ پيپلزپارٽي وچم اتفاق ٿيو هيو ته سينيٽ چيئرمين جي عهدو پيپلزپارٽي ۽ ڊپٽي چيئرمين سينيٽ جو عهدو مسلم ليگ ن کي ملندو پيپلزپارٽي پاران سينيٽ چيئرمين جي عهدي لاء نامزدگي بعد مسلم ليگ ن پاران ڊپٽي چيئرمين جي عهدي لاء بلوچستان مان چونڊيل ن ليگ جي سينيٽر آغا شاهزيب دراني جي نالي تي غور ڪيو پيو وڃي.