عرب ملڪ مستقبل ۾ اسرائيل کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار آهن: آمريڪا

نيويارڪ : آمريڪي صدر جو بائيڊن فلسطين جي ٻه رياستي حل تي زور ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته عرب ملڪ مستقبل ۾ اسرائيل کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار آهن.نيويارڪ ۾ فنڊ ريزنگ تقريب کي خطاب ڪندي جوبائيڊن چيو ته هو سعودي عرب، مصر، اردن ۽ قطر سميت ٻين سمورن عرب ملڪن سان گڏجي ڪم ڪري رهيو آهي.هن چيو ته عرب ملڪ مستقبل جي معاهدي ۾ اسرائيل کي مڪمل طور تسليم ڪرڻ لاءِ تيار آهن.تقريب ۾ اڳوڻي آمريڪي صدرن باراڪ اوباما ۽ بل ڪلنٽن پڻ شرڪت ڪئي.آمريڪي صدر لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ واري تقريب فلسطين جي حمايت ۾ منعقد ڪئي وئي ۽ مظاهرين غزه ۾ جنگ بندي ۽ اسرائيل جي امداد ۾ گهٽتائي جو مطالبو ڪيو.