ايپل، الفابيٽ ۽ ميٽا خلاف ڪارروائي جو اعلان

برسلز : يورپي ڪميشن طرفان نئين ڊجيٽل مارڪيٽس ايڪٽ ( ڊي ايم اي ) قانون تي عملدرآمد ۾ مبينا ناڪامي تي ٽن وڌين ٽيڪنالوجي ڪمپنين خلاف جاچ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان يورپي يونين طرفان ايپل، ميٽا ۽ گوگل جي سرپست ڪمپني الفابيٽ خلاف جاچ ڪئي ويندي. ڪميشن طرفان جاري ڪيل بيان موجب، الفابيٽ، ايپل ۽ ميٽا طرفان پنهنجي پروڊڪٽس کي ترجيح ڏني ويندي آهي ۽ ڪميشن کي شڪ آهي ته ڄاڻايل ڪمپينن طرفان ڊي ايم اي تي اثرائتي انداز سان عملدرآمد نه ڪيو ويو. يورپ ۾ ست مارچ تي ڊجيٽڪل مارڪيٽس ايڪٽ لاڳو ٿيو هو. ان قانون تحت بائيٽ ڊانس، ايمازون، ميٽا، ايپل، مائيڪرو سافٽ ۽ الفابيٽ جهڙين ٽيڪنالوجي ڪمپينن کي گيٽ ڪيپر قرار ڏنو ويو هو. ڊي ايم اي جو بنيادي مقصد گيٽ ڪيپر ڪمپينن کي پنهنجا پليٽ فارم ٿرڊ پارٽيز لاءِ کولڻ تي مجبور ڪرڻ آهي ته جيئن برابري وارو عمل اڳتي وڌي سگهي. ايپل، الفابيٽ ۽ ميتا پهريون ڪمپنيون آهن جن خلاف ڊي ايم اي تحت جاچ ڪئي پئي وڃي. جاچ ۾ ڀڃڪڙي ثابت ٿيڻ تي ٽيڪنالوجي ڪمپنين تي سندن سالياني عالمي آمدني جو ڏهه سيڪڙو حصي جي برابر ڏنڊ لاڳو ڪيو ويندو. ڪمپيشن ايپل ۽ الفابيٽ جي فيس اسڪٽرڪچر تي به سوال اُٿاريندي چيو آهي ته اِهو ڊي ايم اي پٽاندڙ نه آهي. واضح رهي ته ٻنهي ڪمپنين طرفان ڪجهه سروسز جي حوالي سان نيون فيسون متعارف ڪرايون ويون آهن.

Action against Apple