سعودي وزير کي نشان پاڪستان جو اعزاز سان نوازيو ويو

اسلام آباد: صدر مملڪت سعودي بچاءَ واري وزير کي نشان پاڪستان جو اعزاز ڏنو.صدر هائوس ۾ سعودي بچاءَ واري وزير شهزاده خالد بن سلمان بن عبدالعزيز کي نشان پاڪستان ايوارڊ ڏيڻ جي تقريب منعقد ڪئي وئي.جنهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف، چيئرمين جوائنٽ چيفس جنرل ساحر شمشاد مرزا، آرمي چيف جنرل عاصم منير، بچاءَ واري وزير خواجا آصف ۽ ٻين شرڪت ڪئي.تقريب ۾ صدر آصف علي زرداري سعودي بچاءَ واري وزير شهزاد خالد بن سلمان کي نشان پاڪستان جو اعزاز ڏنو.