9 مئي سانحو: ڪي پي ڪي جي وڏي وزير سميت 12 جوابدارن جا گرفتاري وارنٽ جاري

اسلام آباد:دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ 9 مئي ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي گذري. عدالت خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سميت 12 جوابدارن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.

عدالت جوابدارن کي 2 اپريل تي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جوابدارن کي صداقت عباسي، واثق قيوم عباسي ۽ عمر تنوير بٽ جي 164 جي بيانن جي روشني ۾ نامزد ڪيو ويو هو. جوابدارن جي خلاف 164 جو بيان 17 جنوري تي رڪارڊ ڪرايو ويو هئو.

گرفتاري وارنٽ جاري ٿيندڙن ۾ علي امين گنڊاپور، شهباز گل، مسرت  جمشيد چيمه، مراد سعيد، شبير اعواڻ، شيرين  مزاري ۽ شبلي فراز شامل آهن. جوابدارن جي خلاف 9 مئي سانحي جو ڪيس سٽي ٿاڻي ۾ داخل آهي جوابدارن جي گرفتاري جا وارنٽ ايس ايڇ او آفتاب احمد جي استدعا تي ڪيس داخل ٿيل آهي.