ملڪ ۾ برساتن جي نئين اسپيل جي اڳڪٿي

لاهور: ملڪ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪڪر وسڻ لاءِ تيار آهن، ڇو ته برسات جو هڪ اسپيل ايندڙ ٻن ڏينهن کانپوءِ ملڪ ۾ داخل ٿي رهيو آهي.

چيف ميٽرولاجسٽ لاهور اڪرام الدين جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ 21 مارچ تي برسات جو هڪ نئون اسپيل داخل ٿي رهيو آهي ۽ اهو اسپيل 3 ڏينهن تائين رهڻ جو امڪان آهي.

هن ٻڌايو ته ان اسپيل تحت خيبر پختونخواهه، اسلام آباد، ڪمشير ۽ جابلو علائقن ۾ برسات جو امڪان آهي.

ان کانسواءِ مارچ جي آخر تائين وقفي وقفي سان برسات جا ننڍا اسپيل اچڻ جو امڪان آهي