دهلي ۾ فيڪٽري کي باهه، 11 ڄڻا سڙي فوت

نئين دهلي: ڀارت جي شهر دهلي ۾ فيڪٽري ۾ باهه لڳڻ سبب 11 ڄڻا فوت ۽ 4 زخمي ٿي پيا.ڀارتي ميڊيا موجب علي پور جي علائقي ۾ پينٽ فيڪٽري ۾ باهه لڳي وئي، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪجهه ماڻهن جي ڳولا جاري آهي.ڀارتي ميڊيا موجب گذريل ڏينهن لڳل باهه تي 4 ڪلاڪن ۾ قابو ڪيو ويو.ڀارتي ميڊيا موجب باهه لڳڻ کان اڳ فيڪٽري ۾ ڌماڪي جو آواز به ٻڌو ويو، جيڪو شايد اتي موجود ڪيميڪل سبب پيش آيو، پر واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.

Factory fire in Delhi