پشاور ۾ گيس سلنڊر ڌماڪو، 3 ڄڻا فوت

پشاور:پشاور جي علائقي اعجاز آباد ۾ هڪ گهر ۾ گئس سلينڊر ڦاٽڻ سبب ڇت ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا.ريسڪيو ذريعن موجب ملبي مان هڪ ٻار ۽ هڪ عورت سميت 3 ڄڻن جا لاش ڪڍيا ويا آهن.ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته 4 زخمين جي حالت نازڪ آهي، جن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.ريسڪيو اختيارين موجب ڌماڪو سلينڊر مان گيس ليڪ ٿيڻ سبب پيش آيو.

Gas cylinder explosion in Peshawar