موسميات کاتي ڪراچي ۾ اڄ کان 14 فيبروري تائين برسات جا امڪان ظاهر ڪري ڇڏيا

ڪراچي: متحده عرب امارات، سعوديه، قطر سميت ٻين وچ اوڀر جي ملڪن ۾ تيز برساتن ۽ ڳڙو پوڻ  جو سبب بنجندڙ طاقتور مغربي سسٽم اڄ رات پاڪستان پهچڻ جو امڪان آهي.

سسٽم جي عرب سمنڊ ۾ موجودگي سان ڪراچي ۾ موسم جهڙالو رهڻ ۽ اڄ کان 14 فيبروري تائين هلڪي برسات جو امڪان آهي. ان کان علاوه اڄ رات کان 14 فيبروري تائين جيواني، گوادر، ۽ اورماڙه، تربت، پنجگور، بيله، اُتهل ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ برسات پئجي سگهي ٿي

ياد رهي ته متحده عرب امارات جي رياستن ۾ تيز برسات ۽ ڳڙي پوڻ جو سلسلو جاري آهي.  رپورٽ موجب العين شهر ۾ ڳڙو پوڻ سبب گاڏين جا شيشا ٽٽي ويا، ڪيترائي روڊ پاڻي هيٺ اچي ويا جڏهن ته اتان جا تعليمي ادارا اڄ به بند رهندا.