لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شاهد جميل استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

لاهور: لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شاهد جميل خان عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. جسٽس شاهد جميل خان پنهنجي استعيفيٰ صدر عارف علوي کي موڪلي ڇڏي آهي.جسٽس شاهد جميل 2029ع ۾ رٽائر ٿيڻ وارو هو، سينيئرٽي لسٽ ۾ هو 11هين نمبر تي هو، پر سندس استعيفيٰ جا سبب سامهون نه آيا آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته جسٽس شاهد جميل خان ذاتي سببن جي ڪري استعيفيٰ ڏني آهي.