2050ع تائين ڪينسر جي ڪيسن ۾ 77 سيڪڙو واڌ جو امڪان: صحت جو عالمي ادارو

جنيوا: صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) تنبيهه ڪئي آهي ته 2022ع جي ڀيٽ ۾ 2050ع تائين ڪينسر جي نون ڪيسن جو انگ 77 سيڪڙو تائين وڌي سگھي ٿو.

ڊبليو ايڇ او جي اداري انٽرنيشنل ايجنسي فار رسرچ آن ڪينسر (آءِ اي آر سي) هڪ رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته تماڪ واپرائڻ، شراب پيئڻ، ٿولهه ۽ هوائي گدلاڻ ڪينسر جي ڪيسن ۾ واڌ جو مک عنصر هوندا

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 2022ع ۾ هڪ سال دوران ڪينسر جا لڳ ڀڳ 2 ڪروڙ ڪيس رپورٽ ٿيا پر 2050ع تائين ساليانن ڪيسن جو انگ ساڍا 3 ڪروڙ کان وڌيڪ سگھي ٿو.

ڊبليو ايڇ او ٻڌايو ته ترقي يافتا ملڪن ۾ ڪينسر جي ڪيسن جي انگ ۾ سڀ کان وڌيڪ اضافي جو امڪان آهي جتي 2050ع ۾ واڌو 48 لک ڪيس سامهون اچي سگھن ٿا.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪينسر جي شرح جي لحاظ سان غريب ملڪ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندا جتي ڪينسر جي ڪيسن جي شرح ۾ 142 سيڪڙو واڌ جو امڪان آهي.

اُسرندڙ ملڪن ۾ به ڪينسر جي ڪيسن جي شرح ۾ 99 سيڪڙو واڌ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

ڊبليو ايڇ او جو چوڻ هو ته 2050ع تائين سڄي دنيا ۾ ڪينسر سبب ٿيندڙ موتن ۾ لڳ ڀڳ ٻيڻو اضافو ٿيڻ جو امڪان آهي.