چونڊ نشان واپسي ڪيس،اٽارني جنرل ۽ اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس

لاهور: اميدوارن کان چونڊ نشان واپس وٺڻ جي ڪيس ۾ عدالت اٽارني جنرل ۽ اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.هاءِ ڪورٽ ۾ اليڪشن ايڪٽ جي سيڪشن 215 جي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ عدالت اٽارني جنرل ۽ اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس جاري ڪندي 2 ڏينهن ۾ جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.جسٽس شاهد بلال حسن اظهر صديق ايڊووڪيٽ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن وفاقي حڪومت سميت ٻين کي ڌر بنايو ويو آهي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اليڪشن ايڪٽ جو سيڪشن 215 آئين سان تڪراري آهي. سپريم ڪورٽ ڪيترن ئي فيصلن ۾ طئي ڪري چڪي آهي ته پارٽي اليڪشن جو جنرل چونڊ تي ڪوبه اثر ناهي پوندو. آئين جي آرٽيڪل 17 جي تحت ڪنهن به سياسي پارٽي کي صرف 2 صورتن ۾ پابندي لڳائي سگهجي ٿي. عدالت ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته سيڪشن 215 جي تحت ڪنهن به سياسي پارٽي کان چونڊ نشان واپس وٺي سگهجي ٿو. عوام جي نمائنده پارٽي ۽ ووٽرز کي پنهنجي مرضي سان ووٽ ڏيڻ کان روڪي نٿو سگهجي. عدالت اليڪشن ايڪٽ جو سيڪشن 215 ڪالعدم قرار ڏئي.

Election mark return case