عمران خان مختلف ڪيسن ۾ ضمانت جون درخواستون داخل ڪري ڇڏيون

اسلام آباد: پي ٽي آءِ باني عمران خان طرفان توشه خانه ۽ 190 ملين پائونڊ ڪرپشن ڪيسز ۾ ضمانت جون درخواستون داخل ڪيون ويون آهن.

اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني چيئرمين عمران خان ٻنهي ڪيسز ۾ ضمانت جي لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو آهي ۽ ٻنهي ڪيسن ۾ ضمانت جي لاءِ ڌار ڌار درخواستون داخل ڪيون ويون آهن.

درخواست ۾ قومي احتساب بيورو(نيب)، ڊي جي نيب، جاچ آفيسر کي ڌر بنائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته ڪيس جو ٽرائيل مڪمل ٿيڻ تائين ۽ حتمي فيصلي تائين ضمانت منظور ڪئي وڃي.

پي ٽي آءِ باني چيئرمين طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته منهنجي مٿان ٺاهيل ڪيس سياسي انتقام ۽ بدنيتي تي ٻڌل آهن. اڳوڻي نيب چيئرمين آفتاب سلطان دٻاءُ جي باوجود سياسي نوعيت جا ڪيسز ٺاهڻ کان انڪار ڪيو