همراهه جهاز جي لينڊنگ گيئر ۾ چنبڙي پئرس پهچي ويو

دنيا ۾ گھڻا ماڻهو پرڏيهه وڃڻ جو خواب ڏسندا آهن ۽ ان لاءِ هر ممڪن ڪوشش به ڪندا آهن.
اهڙو ئي هڪ واقعو فرانس ۾ سامهون آيو آهي جتي هڪ شخص الجزائر کان جهاز جي لينڊنگ گيئر ۾ لِڪي هزارين ميل مفاصلو طئي ڪري پئرس پهتو.
28 ڊسمبر تي پئرس جي ايئرپورٽ تان ائير الجزائر جي هڪ جهاز جي لينڊنگ گيئر ۾ لِڪيل شخص کي وٺو ويو جنهن جي حالت گھڻي خراب هئي.
ان شخص جي زندگي کي خطرو هو جنهن ڪري کيس علاج لاءِ ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
اهو جهاز الجزائر جي شهر Oran کان روانو ٿيو هو ۽ اڍائي ڪلاڪن تائين هوا ۾ رهڻ بعد پئرس پهتو.
لينڊنگ گيئر جهاز جي ان حصي ۾ هوندي آهي جتي ڪارگو ۽ ڦيٿا موجود هوندا آهن ۽ اتان جو پارو ڪاٽو 50 ڊگري سينٽي گريڊ کان ڪاٽو 60 ڊگري سينٽي گريڊ جي وچ ۾ هوندو آهي.
ان ڪري اتي آڪسيجن جو مقدار به تمام گھٽ هوندو آهي جنهن جي ڪري اتي جهاز اڏامڻ دوران ڪجهه دير لاءِ به رهڻ تمام ڏکيو هوندو آهي.