مڇي ڳالهائي ٿي، سائنسدانن پاران 20 منٽ ڪچهري جي دعويٰ

الاسڪا: اهو ظاهري طور ڪنهن سائنس فڪشن فلم جي سين جيان لڳي ٿو پر آمريڪي سائنسدانن آمريڪي رياست الاسڪا ۾ هڪ وهيل مڇي سان 20 منٽ ڊگهي ڪچهري بعد وهيل مڇي سان ڳالهيون ڪرڻ کي ممڪن قرار ڏنو آهي

ڏکڻ اوڀر الاسڪا ۾ 38 سالن جي ٽوين نالي وهيل مڇي اڳ کان رڪارڊ ڪيل ٽيليفونڪ ڪال جو رد عمل ڏيندي ايس اي ٽي آءِ انسٽيٽيوٽ ۽ يو سي ڊيوس جي محققن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي

محققن جي ٽيم جو چوڻ هو ته اهو پهريون ڀيرو ٿيو آهي ته وهيل مڇين ۽ انسانن پنهنجي پنهنجي ٻولين ۾ هڪ ٻئي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. ماهرن جو اهو به چوڻ هو ته اهو اڳتي هلي مستقبل ۾ ٻي دنيا جي مخلوق سان ڳالهين جي صلاحيت جي امڪانن کي روشن ڪري ٿو

Fish talks