جسم تي سڀ کان وڌيڪ چمچا چنبڙائڻ جو رڪارڊ

تهران : هڪ ايراني شخص پنهنجي جسم تي 88 چمچن کي توازن سان چنبڙائي پنهنجو ئي گنيز ورلڊ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو، 51 سالن جي ابو الفضل صابر مختاري پنهنجي ان ڪوشش ۾ 2021 ۾ پنهنجو بڻايل 85 چمچن جو رڪارڊ ٽوڙيو

گنيز ورلڊ رڪارڊز سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هيو ته هن عرصي تائين پنهنجي جسم تي مختلف شيون ڄمائڻ بعد سڀ کان وڌيڪ چمچا توازن سان ڄمائڻ جو رڪارڊ بڻائڻ جو فيصلو ڪيو

جنوري 2022ع ۾ پهريون ڀيرو رڪارڊ نالي ڪرڻ بعد سندس چوڻ هيو ته هيو ته کيس پنهنجي ان صلاحيت جو علم ننڍپڻ ۾ حادثي طور ٿيو، پر ڪيترن سالن جي مشقن بعد اهو پنهنجي صلاحيت ۾ پڪو ٿيو

هن اداري کي ٻڌايو ته اهو پلاسٽڪ، گلاس، ميوا، پٿر، ڪاٺي ڪنهن به شئي کي جسم سان چمبڙائي سگهي ٿو