عمران فاروق قتل ڪيس: جوابدارن پنهنجا بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيا

اسلام آباد: ڊاڪٽر عمران فاروق قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن جا بيان قلمبند ڪيا ويا.دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج شاهه رخ ارجمند عمران فاروق قتل ڪيس جي ٻڌڻي اڊيالا جيل ۾ ڪئي جتي جوابدارن عدالتي سوالن جي روشني ۾ پنهنجا بيان رڪارڊ ڪرايا.جوابدارن خالد شميم معظم علي ۽ محسن علي بيانن تي جج اڳيان صحيحون ڪيون جڏهن ته الزامن جي دفاع ۾ گواهه پيش ڪرڻ کان انڪار ڪيو.عدالت ايف آءِ اي ۽ وڪيلن کان حتمي دليل گهري ورتا جنهن تي ايف آءِ اي جي اسپيشل پراسيڪيوٽر خواجه امتياز 19 مئي تي حتمي دليلن جي شروعات ڪندو.عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي جيل ۾ جوابدارن کي وڊيو لنڪ ذريعي عدالتي ڪارروائي ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.ياد رهي ته 50 سالن جي ڊاڪٽر عمران فاروق کي 16 سيپٽمبر 2010 تي لنڊن سندس گهر ويجهو قتل ڪيو ويو هو.ڪيس ۾ محسن علي سيد، معظم خان ۽ خالد شميم کي به قتل ۾ ملوث هجڻ وارن الزامن ۾ گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته ميڊيا رپورٽن موجب هڪ ٻيو جوابدار ڪاشف خان ڪامران فوت ٿي ويو آهي.