ٽريفڪ حادثن ۾ مري ويل جانورن جو گوشت کائيندڙ عورت

اوريگون : آمريڪا ۾ چار سالن کان قدرتي هنڌن تي رهائش اختيار ڪندڙ عورت جي دعويٰ آهي ته اها روڊ تي مارجي ويل جانورن جو گوشت کائيندي آهي، ته جيئن انهن جو موت بي مقصد نه ٿئي، آمريڪي رياست اوريگون سان تعلق رکندڙ مينڊرس بارنيٽ هڪ حيرت انگيز دعويٰ بعد ڪافي وائرل ٿي رهي آهي

جنهن ۾ هن چيو آهي ته اها هفتي جا ست ڏينهن ۽ 24 ڪلاڪ بند ڪنهن گهر جي قدرتي هنڌن تي رهندي آئي آهي، هن اهو به ٻڌايو ته اها ان دوران ڪار حادثي ۾ مارجي ويل جانورن جو گوشت به کائيندي رهي آهي، ڇو ته سندس مڃڻ آهي ته ايئن ڪرڻ سان انهن جانورن جو موت اجايو ناهي ويندو

32 سالن جي مينڊرس بارنيٽ سائوٿ ويسٽ نيوز سروس کي شهري زندگي ڇڏي خانه بدوشن واري زندگي جي تجربي جي باري ۾ ٻڌائيندي چيو ته ان دوران اها سٺي طريقي سان ڄاڻي وئي آهي ته ڪهڙو مئل جانور ڪيترو تازو آهي

هن پنهنجي خانه بدوش زندگي جي شروعات جولاءِ 2019ع ۾ ڪئي هئي، جڏهن سندس ملاقات هڪ ڇوڪري سان ٿي هئي، جيڪو ڇهه سالن کان گهوڙي تي مختلف هنڌن جو سفر ڪري رهيو هو

  • TAGS