وفاقي ڪابينا چونڊ سڌارن بابت رپورٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي

وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ چونڊ سڌارن سميت ملڪ ۾ ڪورونا جي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو. ذريعن موجب اجلاس ۾ نارڪوٽڪس واري وزيرشهريار آفريدي ۽ پارلياماني معاملن واري صلاحڪار بابر اعوان چونڊ سڌارن بابت رپورٽ پيش ڪئي، وفاقي ڪابينا چونڊ سڌارن بابت رپورٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي ۽ فيصلو ڪيو ويو ته چونڊ سڌارن بابت سياسي پارٽين سان صلاح مشورو ڪيو ويندو. ذريعن موجب چونڊ سڌارن واري رپورٽ ۾ سينيٽ جي چونڊن جي طريقي ڪار ۾ تبديلي جي تجويز ڏني وئي آهي . ڪابينا جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پارلياماني وزارت قانون واري وزير سان ملي چونڊ سڌارن جي ٻئي مرحلي تي ڪم ڪندي.