اسلام آباد: پاڪستان ۾ ايندڙ 15 ڏينهن جي لاءِ پيٽروليم شين جي نئين قيمتن بابت اعلان اڄ ڪيو ويندو.
ذريعن موجب پهرين ڊسمبر کان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ لاٿ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. پهرين ڊسمبر کان پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ 7 روپيه 37 پئسن جي لاٿ جو امڪان آهي جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل 6 روپيه 85 پئسا سستو ٿيڻ جو امڪان آهي.
گاسليٽ في ليٽر 2 روپيه 82 پئسا ۽ لائٽ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 4 روپين تائين جي لاٿ ٿي سگهي ٿي.