ورلڊ ڪپ 2023 جو پهريون سيمي فائنل اڄ ڀارت ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ کيڏيو ويندو

ممبئي: آءِ سي سي ون ڊي ورلڊ ڪپ جو پهريون سيمي فائنل اڄ ڀارت ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ممبئي ۾ کيڏيو ويندو.

ليگ مرحلي ۾ ڀارتي ٽيم نيوزيلينڊ کي چئن وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي. اڄ ممبئي جي وانکهيڊي اسٽيڊيم ۾ هڪ دفعو ٻيهر ٻئي ٽيمون هڪ ٻئي جي  آمهون سامهون ٿينديون.

ورلڊ ڪپ 2023 جي ايونٽ ۾ هينئر تائين ناقابل شڪست رهندڙ ڀارتي ٽيم سيمي فائنل جو ميچ به کٽڻ لاءِ پراميد آهي پر نيوزيلينڊ جي ٽيم به سيمي فائنل ۾ ڪاميابي جي لاءِ مڪمل طور تي پنهنجو پاڻ کي تيار ڪري ورتو آهي.

آسٽريليا ۽ ڏکڻ آفريقا وچ ۾ ٻيون سيمي فائنل خميس يعني سڀاڻي کيڏيو ويندو اهو ميچ ڪوالڪته جي ايڊن گارڊنز ۾ ٿيندو جتي ميچ ۾ برسات پوڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.

برسات سبب ميچ ممڪن نه ٿي سگهيو ته ڏکڻ آفريقا جي ٽيم پهريون ڀيرو فائينل جي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري وٺندي.