آپريشن ڪلين اَپ، پرڏيهي ڪوچنگ اسٽاف کي گهرو ڀيڙو ڪرڻ جون تياريون

لاهور : پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) پرڏيهي ڪوچز اسٽاف کي تبديل ڪرڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو.

ذريعن موجب، ڊائريڪٽر مڪي آرٿر سڀاڻي پي سي بي هيڊ ڪواٽرز پهچندو، مڪي آرٿر سميت ڪوچ گرانٽ بريڊ برن ۽ بيٽنگ ڪوچ اينڊريو پوٽيڪ کي عهدن تان هٽائڻ جو امڪان آهي.

پي سي بي پرڏيهي ڪوچز جي جاءِ تي ملڪي ڪوچز رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي ۽ ان سلسلي اڳوڻن ڪپتانن سان پي سي بي چيئرمين ذڪاءَ اشرف جي ملاقاتن جو سلسلو شروع ٿي چڪو آهي.

Preparations for Operation Clean-up