نواز شريف ڪوئيٽا پهچي ويو، بي اي پي ۽ ٻين سينيئر اڳواڻن طرفان شموليت جو امڪان

نوازشريف وطن واپسيءَ کانپوءِ پهريون ڀيرو بلوچستان جي  دوري تي ڪوئيٽا پهچي ويو، نون ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته نوازشريف صوبي جي اهم سياسي اڳواڻن سان ملاقات ڪندو

 نوازشريف جي دوري دوران بلوچستان جون اهم سياسي شخصيتون نون ليگ ۾ شموليت جو اعلان ڪنديون

 ذريعن موجب نواب چنگيز مري، سردار عبدالرحمان کيتران، محمد خان طور ۽ محمد خان لهڙي نون ليگ ۾ شموليت جو باضابطا اعلان ڪندا

 عبدالڪريم نوشيرواني، نور محمد دمڙ، عبدالغفور لهڙي، سردار مسعود لوڻي، ڊاڪٽر ربابه بليدي، مجيب الرحمان، سردار سحر گل خلجي ۽ ٻيا اڳواڻ به نون ليگ ۾ شموليت جو اعلان ڪندا

Nawaz Sharif arrives in Quetta