پي ٽي آءِ چيئرمين اسد عمر ۽ فواد چوڌري مٿان اڄ به فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهي

اسلام آباد: توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين اسد عمر ۽ فواد چوڌري مٿان اڄ به فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهي. ٽنهي مان ڪوبه پيش نه ٿي سگهيو.

اليڪشن ڪميشن جي ميمبر نثار دراني جي سربراهي ۾ چار رڪني ڪميشن توهين اليڪشن ڪميشن ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر ڪيسز تي ٻڌڻي ڪئي. پي ٽي آءِ چيئرمين اسد عمر ۽ فواد چوڌري مان ڪنهن کي به پيش نه ٿيڻ تي مددگار وڪيل ڪيس التوا ۾ ڪرڻ جي استدعا ڪئي.

ڪميشن جي سربراهه نثار دراني ريمارڪس ڏنا ته سيڪيورٽي خدشا آهن ته جيل ۾ ٻڌڻي نوٽيفاءِ ڪري سگهون ٿا. گهرو سيڪريٽري ٻڌايو ته جيڪڏهن اوهان جيل وڃڻ چاهيو ٿا ته نوٽيفاءِ ڪري سگهو ٿا. جيل ۾ ٻڌڻي تي اسان کي ڪوبه اعتراض نه آهي.

ڪميشن جي ميمبر پڇيو ته ڇا قانون ان جي اجازت ڏئي ٿو؟ جنهن تي گهرو سيڪريٽري قانون واري وزارت کان راءِ وٺڻ جو موقف ڏنو.

ڪميشن جي پڇڻ تي فواد چوڌوري جي وڪيل چيو ته فواد چوڌري جوڊيشل ڪسٽڊي ۾ اڊيالا جيل ۾ قيد آهي. ڪميشن جي ميمبر چيو ته اليڪشن ڪميشن آئيني ادارو آهي.  ان جا پنهنجا رولز آهن. آئين ۽ اليڪشن ايڪٽ کان علاوه ڪوبه قانون اليڪشن ڪميشن تي لاڳو نٿو ٿئي جنهن کان پوءِ اليڪشن ڪميشن ڪيسز جي ٻڌڻي 6 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.