ورلڊ ڪپ جو اهم ميچ: نيوزيلينڊ سريلنيڪا خلاف ميچ ۾ ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪري ورتو

بينگلور: آءِ سي سي ورلڊ ڪپ 2023 جي 41هين ميچ ۾ نيوزيلينڊ سريلنڪا خلاف ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

ٻئي ٽيمون ڀارتي شهر بينگلور جي ايم چنا سوامي اسٽيڊيم ۾ آمهون سامهون آهن جتي نيوزيلينڊ ٽيم جي قيادت ڪين وليمسن ڪري رهيو آهي جڏهن ته سريلنڪن ٽيم جي قيادت ڪوشال مينڊس جي هٿن ۾ آهي.

ياد رهي ته ٻئي ٽيمون ميگا ايونٽ ۾ هن وقت تائين پنهنجا 8-8 ميچ کيڏي چڪيون آهن جن مان نيوزيلينڊ 4 ميچز ۾ فاتح ۽ 4 ۾ ناڪام رهي آهي جڏهن ته سريلنڪا هينئر تائين صرف 2 ميچز  ۾ ئي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي جڏهن ته 6 ۾ کيس ناڪامي کي منهن ڏيڻو پيو آهي.

ايونٽ جي  پوائنٽس ٽيبل تي نيوزيلينڊ 8 پوائنٽن سان چوٿين جڏهن ته سريلنڪا 4 پوائنٽن سان 9 نمبر تي آهي.

ياد رهي ته ڀارت، ڏکڻ آفريقا ۽ آسٽريليا جون ٽيمون سيمي فائنل جي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري چڪيون آهن جڏهن ته سپر فور جي لاءِ چوٿين ٽيم جي چونڊ ٿيڻ اڃان باقي آهي.