ايم ڪيو ايم اڳواڻ رئوف صديقي ۽ شاهد خاقان عباسي ۾ ملاقات

ڪراچي:  پي ايس او ۾ غيرقانوني ڀرتين بابت ريفرنس، شاهد خاقان عباسي ۽ ٻيا جوابدار احتساب عدالت ۾ پيش ٿيا، عدالت ريفرنس تي ٻڌڻي بنا ڪارروائي جي 13ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي

ٻئي پاسي ايم ڪيو ايم اڳواڻ رئوف صديقي ۽ شاهد خاقان عباسي ۾ ملاقات ٿي، رئوف صديقي پاران شاهد خاقان کي ايم ڪيو ايم ۾ شامل ٿيڻ  جي دعوت ڏني وئي

ايم ڪيو ايم اڳواڻ رئوف صديقي جو چوڻ هو ته مڊل ڪلاس پارٽي ئي ملڪ جيترقي جو حل آهي

شاهد خاقان عباسي چيو ته حڪومت کي سوچڻو پوندو ته نيب جو ڇا ڪرڻو آهي، نيب جو ڪم رڳو سياستدانن کي  نشانو بڻائڻ آهي

هن چيو ته اسان تي جيڪي ڪيس ٺاهيا ويا  آهن، اهي هاڻي هلايا به وڃن، هر آءِ ڏينهن تاريخ ڏني وڃي ٿي، جيڪي ڪيس ٺاهيا ويا آهن انهن ۾ ٿيو ڪجهه به ناهي