سنڌ سرڪار پاران سڀاڻي سمورا مارڪيٽ کولڻ جو اعلان

ڪراچي:واپارين ۽ سنڌ حڪومت ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون، سنڌ سرڪار سڀاڻي سموريون مارڪيٽون کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، سنڌ سرڪار سڀاڻي سموريون مارڪيٽون کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ واپاري اڳواڻن ۾ لاڪ ڊائون ۾ نرمي، ڪاروبار کولڻ بابت ڳالهيون ٿيون، جيڪي ڪامياب ويون، ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ بعد سڀاڻي کان مارڪيٽون کولڻ جو اعلان ڪيو ويو، سنڌ سرڪار جو چوڻ آهي ته سموريون مارڪيٽون صبح 6 وڳي کان شام 5 وڳي تائين کوليون وينديون، وڏا وڏا شاپنگ مالز بند رهندا، ننڍن دڪانن تي رش لڳائڻ نه ڏني ويندي.