ملڪ ۾ عام چونڊون 28 جنوري 2024ع آچر جي ڏينهن تي ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد: ملڪ ۾ عام چونڊون 28 جنوري 2024ع آچر جي ڏينهن تي ٿيڻ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب، اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ کي ٻن ڏينهن کانپوءِ لکت ۾ آگاهه ڪندو .
حڪومتي ذريعن موجب، اليڪشن ڪميشن طرفان ڄاڻايل تاريخ تي چونڊون ڪرائڻ جون تياريون شروع ڪيون ويون آهن.
ياد رهي ته ٻه ڏينهن اڳ صدر عارف علوي هڪ انٽرويوءَ دوران خدشو ظاهر ڪيو هوته کيس جنوري 2024ع ۾ چونڊون ٿيندي نظر نٿيون اچن، جنهن بعد اليڪشن ڪميشن صدر جو بيان رد ڪندي چيو هوته چونڊون مقرر وقت تي ٿينديون.

January 28The general elections in the country are likely to be held on Sunday