پي ٽي آءِ وفد جي مولانا فضل الرحمان سان ملاقات

پي ٽي آءِ جي اعليٰ سطحي وفد اسلام آباد ۾ جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي آهي، جنهن دوران ملڪ جي سياسي صورتحال سوڌو ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون

پي ٽي آءِ وفد ۾ اسد قيصر، علي محمد خان، بئريسٽر سيف ۽ جنيد اڪبر شامل هئا

ملاقات بعد اسد قيصر چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين سوڌو سمورا اڳواڻ ملاقات تي راضي هئا،اڄ مولانا فضل الرحمان وٽ فاتحه لاءِ آيا هئاسين، اهو اسان جو ڪلچر آهي، ڪابه سياسي ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي