پاڪستان غوري ويپن سسٽم جي تربيتي لانچنگ جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو

اسلام آباد: پاڪستان غوري ويپن سسٽم جي تربيتي لانچنگ جو ڪامياب  تجربو ڪري ورتو آهي جنهن جو مقصد آرمي اسٽريٽجڪ فورسز ڪمانڊ جي آپريشن لاءِ ٽيڪنيڪي تياري کي جانچ ڪرڻ هو.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي اسٽريٽجڪ فورس جي ڪمانڊر، اي ايس ايف سي جي سينئر اختيارين، سائنسدانن ۽ انجنيئرز تجربي جو مشاهدو ڪيو. ويپن سسٽم جي لانچنگ جو مقصد اي ايس ايف سي جي آپريشنل ۽ ٽيڪنيڪل تيارين جو جائزو وٺڻ هو.

صدر وزيراعظم ۽ عسڪري قيادت طرفان ڪامياب تجربي تي سائنسدانن ۽ انجنيئرز کي واڌايون ڏنيون جڏهن ته ڪمانڊر اي ايس ايف سي آرمي اسٽريٽجڪ فورسز جي پيشواراڻي صلاحيتن ۽ تيارين جي واکاڻ ڪئي