ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس: فلسطيني عوام کي پاڪستان جي حمايت حاصل آهي: آرمي چيف

آرمي چيف جنرل عاصم منير جي  صدارت هيٺ جي ايڇ ڪيو ۾260 هين ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي آهي

آءِ ايس پي آر موجب دشمن قوتن جي اشاري تي ڪم ڪندڙ دهشتگردن ۽ سهولتڪارن کي پوري رياستي طاقت سان منهن ڏيڻ جو عزم ورجايو ويو

ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ۾ ملڪي خودمختياري ۽ سلامتي کي درپيش سڌن ۽ اڻ سڌن خطرن کي منهن  ڏيڻ ۽ ڀرپور دفاع جي عزم جو اظهار ڪيو ويو

آرمي چيف چيو آهي ته فلسطيني عوام کي پاڪستاني قوم جي مڪمل سفارتي، اخلاقي ۽ سياسي حمايت حاصل آهي

آرمي چيف چيو ته پاڪ فوج غير قانوني معاشي سرگرمين خلاف جاري ڪارروائين ۾ حڪومت  جي مدد جاري رکندي