ورلڊ ڪپ: سريلنڪا آسٽريليا خلاف ميچ ۾ ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪري ورتو

لکنو:  آءِ سي سي ون ڊي ورلڊ ڪپ جي 14هين ميچ ۾ سريلنڪا آسٽريليا جي خلاف ميچ ۾ ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

اهو ميچ ڀارتي شهر لکهنو جي اڪانا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيو پيو وڃي جتي ٻئي ٽيمون ميچ کٽڻ جي لاءِ زور آزمائي ڪنديون. ٽورنامينٽ ۾ سريلنڪا ۽ آسٽريليا ٻنهي جو اهو ٽيون ميچ آهي. ٻئي ٽيمون پنهنجن شروعاتي ٻن ميچز ۾ شڪست کي منهن ڏئي چڪيون آهن. پوائنٽس ٽيبل تي هن وقت سريلنڪا اٺين ۽ آسٽريليا ڏهين نمبر تي آهي.

سريلنڪا جي ٽيم ۾ اڄوڪي ميچ لاءِ 2 تبديليون ڪيون ويون آهن. انجري جو شڪار ڪپتان داسن شناڪا ۽ متهيشا جي جڳهه چميڪا ۽ ڪمارا کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي

World Cup: In the match against Australia