ورلڊ ڪپ: ڀارت پاڪستان کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

آءِ سي سي ڪرڪيٽ  ورلڊ ڪپ جي سڀ کان وڏي ٽاڪري ۾ ڀارت پاڪستان کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي .احمد آباد جي نريندر مودي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڀارت ٽاس کٽي پهرين بولنگ جو فيصلو ڪيو .

ڀارت خلاف پاڪستان جي بيٽنگ لائين بري طرح ناڪام وئي ۽ پاڪستاني ٽيم 42ڏهائي 5 اوورن ۾ 191 رنسن تي ڍير ٿي وئي .

ڀارت 192 رنسن جو هدف 30 ڏهائي 3 اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو .