افغانين سميت غيرقانوني طور رهندڙ پرڏيهي پهرين نومبر تائين هليا وڃن ان کانپوءِ نو ڪمپرومائز: سرفراز بگٽي

اسلام آباد: نگرن گهرو وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته پاڪستان ۾ غيرقانوني طور رهندڙ پرڏيهي مان جيڪي پهرين نومبر تائين وڃڻ چاهن ٿا هليا وڃن ان کانپوءِ نو ڪمپرومائز ٿيندو.
افغان شهرين جي حوالي سان جاري ڪيل بيان ۾ نگران گهرو وزير سرفراز بگٽي چيو ته افغان شهرين جي نيڪالي بابت ڳالهه ٻول ٿي هئي ان گفتگو ۾ تمام اسٽيڪ هولڊرز موجودا هئا ۽ فيصلو ٿيو ته افغان شهرين کي هڪ گريس پيريڊ ڏنو وڃي جڏهن ته ڪيترن ئي ماڻهن ۽ سندن پاران ڊمانڊ ڪئي پئي وئي ته ماڻهو رضاڪاراني طور وڃڻ چاهن ٿا

هن چيو ته جيڪي پهرين نمونر تائين وڃڻ چاهن ٿا هليا وڃن ان کانپوءِ نو ڪمپورمائز، پهرين ڏينهن کان اهو چيو آهي ته رڳو افغان بيسڊ پاليسي نه آهي، اها پاليسي غيرقانوني مخلوق بابت آهي، ڀلي اها ڪهڙي به ملڪ سان واسطو رکندڙ هجي.
سرفراز بگٽي جو چوڻ هو ته جڏه ڳالهه غيرقانوني طور رهندڙ ماڻهن بابت ٿي رهي آهي اهي افغاني هجن يا ڪو ٻيو پرڏيهي، جن وٽ ويزا آهي، انهن کي اسان ڪجهه نه چونداسين، اسان صرف غيرقانوني طور رهندڙ پرڏيهين کي ملڪ نيڪالي ڏئي رهيا آهيون.

  • شيئر