ماڙي جلباڻي واقعي جي جڊيشل انڪوائري ڪرائڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل

ڪراچي:ماڙي جلباڻي واقعي جي جڊيشل انڪوائري ڪرائڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي.
جسٽس نعمت ڦلپوٽو جي سربراهيءَ ۾ ٻه رڪني بينچ ڪجهه دير ۾ ٻڌڻي شروع ڪندي.
سنڌ بار ڪائونسل جي اڳوڻي وائيس چيئرمين ذوالفقار علي جلباڻي پاران داخل ڪرايل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته هاءِ ڪورٽ جي حاضر سروس جج جي سربراهيءَ ۾ عدالتي ڪميشن جوڙي واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي.
فائرنگ ڪري ڳوٺاڻن کي ماريندڙ اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪرڻ جي به استدعا ڪئي وئي.