ڪوهلو ۾ دهشتگردن جي ڪمپائونڊ مان وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ

ڪوئٽه: بلوچستان جي ضلعي ڪوهلو ۾ ليويز ڪارروائي ڪندي دهشتگردن جي ڪمپائونڊ مان وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪري ورتو آهي.

ليويز اختيارين موجب ليويز ڪيو آر ايف فورس ڪوهلو جي تعلقي ڪاهان ۾ ڪارروائي ڪئي. اها ڪارروائي 11 ڪلاڪن تائين جاري رهي جنهن ۾ 40 کان وڌيڪ ليويز آفيسرن ۽ اهلڪارن شرڪت ڪئي.

اختيارين موجب ڪارروائي دوران دهشتگردن جي ڪمپائونڊ مان 3 اينٽي ٽينڪ مائننز، 8 اي پي ايمز، 2 اي پي ايم، 4 آر پي جي، 5 هينڊ گرنيڊ ۽ هڪ ڪلو ڌماڪيدار مواد پڻ هٿ ڪيو ويو