وائس ايڊمرل نويد اشرف پاڪ بحريه جو نئون سربراهه مقرر

اسلام آباد: وائس ايڊمرل نويد اشرف کي پاڪ بحريه جو نئون سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي.

پاڪ بحريه جي ترجمان موجب وائس ايڊمرل نويد اشرف کي 7 آڪٽوبر 2023 تي ايڊمرل جي عهدي تي ترقي ڏني ويندي. ڪمانڊ جي تبديلي واري تقريب 7 آڪٽوبر 2023 تي اسلام آباد ۾ ٿيندي

ترجمان چيو آهي ته وائس ايڊمرل نويد اشرف 1999ع ۾ پاڪ بحريه جي آپريشنز برانچ ۾ ڪميشن حاصل ڪيو. هو اهم ڪمانڊ ۽ اسٽاف عهدن تي ڪم ڪرڻ جو وڏو تجربو رکي ٿو.

وائس ايڊمرل نويد اشرف هن وقت نيول هيڊ ڪوارٽرز ۾ چيف آف اسٽاف جا فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي.

پاڪ بحريه جي ترجمان موجب وائس ايڊمرل نويد اشرف کي هلال امتياز(ملٽري)  جي اعزاز سان به نوازيو ويو آهي.