سڄي ملڪ ۾ جشن عيد ميلادالنبي ﷺ جون تياريون عروج تي، گهرن، گهٽين ۽ بازارن کي سجايو ويو

اسلام آباد: سڄي ملڪ ۾ جشن عيد ميلادالنبيﷺ  جون تياريون عروج تي پهچي ويون آهن، گهٽين گهرن ۽ بازارن کي رنگ برنگي بتين سان سجايو ويو آهي. جڏهن ته هر طرف درود سلام جون صداتون بلند ٿي رهيون آهن.

سرڪار ڪائنات حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ  جي آمد جي موقعي تي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ عاشقان رسول گهرن ۽ گهٽين کي رنگ برنگي بتين سان سجائي ڇڏيو آهي. جشن عيد ميلادالنبي صه جي سلسلي ۾ سڄي ملڪ جون مسجدون، عمارتون ۽ روڊن کي به ساون جهنڊن ۽ رنگ برنگي بتين سان سجايو ويو آهي. رسول صه جا عشق خانه ڪعبه ۽ مسجد نبوي جا خوبصورت ماڊلز ٺاهي سرور ڪائنات سان عقيدت جو اظهار ڪري رهيا آهن.

عالم سڳورن جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم سان محبت ۽ عقيدت جو اظهار ڪرڻ هر مسلمان تي واجب آهي. پاڻ صه جي تعليمات تي عمل ڪري ئي انسان دنيا ۽ آخرت ۾ سرخرو ٿي سگهي ٿو.

All over the countryhousesthe preparations for the celebration of Eid Milad-ul-Nabi ﷺ are in full swing