9 مئي سانحي جو چالان دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ جمع، عمران خان ڏوهاري قرار

اسلام آباد:  لاهور جي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ 9 مئي سانحي بابت چالان جمع ڪرايو ويو آهي جنهن ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي  ڏوهاري قرار ڏنو ويو آهي.

9 مئي واقعن  ۽ جناح هائوس حملي سميت 11 ڪيسن جو چالان لاهور جي دهشتگردي جي انت واري خصوصي عدالت ۾ جمع ڪرايو ويو. پراسيڪيوشن طرفان 11 ڪيسن جو چالان جمع ڪرايو ويو جنهن ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان، عمر سرفراز چيمه ۽ ميان محمودالرشيد کي ڏوهاري قرار ڏنو ويو آهي.

چالان ۾ ڊاڪٽر ياسمين راشد، خديجه شاهه، صنم جاويد سميت ٻين گرفتار ٿيل جوابدارن کي به ڏوهاري قرار ڏنو ويو آهي.

دهشتگردي جي انت واري خصوصي عدالت ۾ جناح هائوس حملو ڪيس، عسڪري ٽاور حملو، شادمان ٿاڻي کي باهه ڏيڻ واري ڪيس جو چالان جمع ڪرايو ويو آهي.  ٻئي طرف شير پائو پل تي ڀڃ ڊاهه ۽ باهيون ڏيڻ واري ڪيس جو چالان به جمع ڪرايو ويو آهي.

جسٽس مظاهر نقوي جي اسڪواڊ ۾ شامل گاڏي کي باهه ڏئي ساڙڻ جو چالان به عدالت ۾ جمع ڪرايو ويو آهي.

9th May Tragedy which challan filed in anti-terrorism court