ڪراچي ۾ ايف آءِ اي جي ڪارروائي: وڏي تعداد ۾ ملڪي ۽ پرڏيهي ڪرنسي هٿ

ڪراچي: وفاقي جاچ اداري(ايف آءِ اي) ڪراچي ۾ خالد بن وليد روڊ تي واقع رهائشي عمارت جي فليٽ تي ڇاپي دوران وڏي تعداد ۾ ملڪي ۽ پرڏيهي ڪرنسي هٿ ڪري ورتي آهي.

ايف آءِ اي جي ذريعن موجب ڇاپو امپورٽڊ گاڏين جو ڪاروبار ڪندڙ شخص جي گهر تي هنيو ويو هو. ذريعن موجب ڇاپي دوران فليٽ مان هٿ ڪيل ملڪي ۽ غير ملڪي ڪرنسي نوٽ وهاڻن جي غلافن ۾ لڪايا ويا هئا.

ٻئي طرف سعيداباد يوسف ڳوٺ ۾ ڪسٽمز پوليس ۽ رينجرز گڏيل ڪارروائي ڪندي 2 گودامن تي ڇاپو هنيو. ڇاپي دوران ٻنهي گودامن مان لکين روپين جو اسمگل ٿيل سامان پڪڙيو ويو آهي.

  • شيئر