آمريڪي ڊالر جي مقابلي ۾ پاڪستاني روپئي جي ملهه ۾ واڌ جو سلسلو جاري

ڪراچي: آمريڪي ڊالر جي مقابلي ۾ پاڪستاني روپئي جي ملهه ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي . اڱاري جي ڏينهن به انٽربينڪ ۽ اوپن ڪرنسي مارڪيٽ ۾ ڊالز وڌيڪ سستو ٿي ويو .

ڪاروباري هفتي جي ٻئي ڏينهن انٽر بينڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر جو ملهه وڌيڪ هڪ رپيو 8 پئسا گهٽتائي سان 289 رپيا 78 پئسن جي سطح تي اچي ويو .

بعد ۾ گراووٽ جو رجحان جاري رهيو  ۽ ٻن پهرن تائين انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر جو اگهه هڪ رپيو 22 پئسن جي گهٽتائي سان 289 رپيا 64 پئسا ٿي ويو .

ٻئي پاسي اوپن ڪرنسي مارڪيٽ ۾ به ڊالر هڪ رپيو گهٽ ٿي 292 رپين جو ٿي ويو .