لاهور هاءِ ڪورٽ شيخ رشيد کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

راولپنڊي: لاهور هاءِ ڪورٽ جي راولپنڊي بينچ شيد رشيد احمد کي فوري طور تي بازياب ڪرائي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي راولپنڊي بينچ ۾ عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد جي بازيابي واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

عدالت جي حڪم تي آر پي او راولپنڊي عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ مغوي جي باري ۾ لاعلمي جو اطهار ڪري ڇڏيو. جڏهن ته عدالت کان تلاشي ۽ بازيابي جي لاءِ هڪ هفتي جي مهلت به طلب ڪئي.

جسٽس صداقت علي خان آر پي او کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا اوهان حلفي بيان ڏيندو ته شيخ رشيد اوهان وٽ نه آهي؟ آر پي او عدالت کي استدعا ڪئي ته هڪڙو موقعو ڏيو مان بازيابي جي لاءِ ڪوشش ڪريان ٿو. جسٽس صداقت علي خان شيخ رشيد جي وڪيل سردار عبدالرزاق کان پڇاڻو ڪيو ته اڄ تائين ڪهڙي اڳڀرائي ٿي آهي؟ سردار عبدالراق پنهنجو موقف پيش ڪيو ته راولپنڊي پوليس جي هٿان مغوين جي گرفتاري جا چٽا ثبوت آهن. پوليس ٻن مغوين جي بازيابي جا واعدا ڪندي رهي آهي. شيخ شاڪر ۽ شيخ عمران پوليس وٽ گرفتار آهن. شيخ رشيد کي ڪنهن ايجنسي جي حوالي ڪيو ويو آهي.

عدالت شيخ رشيد احمد کي فوري طور تي بازياب ڪرائي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ۽ ڪيس جي ٻڌڻي 2 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي