خيبر ۾ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن: 3 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي: وادي تيراهه ۾ فورسز جي آپريشن دوران 3 دهشتگرد مارجي ويا آهن.

آءِ ايس پي آر موجب خيبر جي علائقي تيراهه ۾ 25 کان 26 سيٽپمبر جي رات دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو ويو. جنهن دوران سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي.

آءِ ايس پي آر موجب فورسز جي فائرنگ جي نتجي ۾ دهشتگرد ڪمانڊر ڪفايت عرف نور عدنان سميت 3 دهشتگرد مارجي ويا آهن.

آءِ ايس پي آر ٻڌايو آهي ته مارجي ويل دهشتگرد قانون لاڳو ڪندڙ ادارن خلاف دهشتگردي جي ڪارروائين ۽ معصوم شهرين جي قتل ۾ به ملوث هئا.

آءِ ايس پي آر موجب علائقي ۾ ٻين دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. آءِ ايس پي آر چيو آهي ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي.