اسلام ۾ انتهاپسندي جي گنجائش ناهي: آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير

اسلام ۾ انتهاپسندي جي ڪا به گنجائش نه آهي، مهذب معاشري ۾ ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي: آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير جون مسيحي وفد سان ملاقات دوران ڳالهيون

  بشپس چرچز آف پاڪستان جي صدر آزاد مارشل جي قيادت ۾ 13 رڪني وفد جي ايڇ ڪيو جو دورو ڪري آرمي چيف سان ملاقات ڪئي

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آرمي چيف قومي ترقي ۾ مسيحي برادري جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي، آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته اسلام امن جو دين آهي، اسلام توڙي مهذب معاشرن ۾ عدم برداشت ۽ انتهاپسندي جي ڪا به گنجائش نه آهي