ذهن مان اها سوچ ڪڍي ڇڏيو: سپريم ڪورٽ مان هاڻ تاريخ وٺڻ جو رجحان نه هلندو: چيف جسٽس

اسلام آباد: چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته پنهنجي ذهن مان اها ڳالهه ڪڍي ڇڏيو ته هاڻ ڪنهن به ڪيس ۾ تاريخ ملندي.

سپريم ڪورٽ ۾ زمين جي تڪرار بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ وڪيل کي ڇنڊ پٽيندي زمين تڪرار ڪيس ۾ تاريخ وٺڻ جي استدعا رد ڪري ڇڏي

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پاڪستان سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪيسن ۾ التوا نه ڏيڻ بابت پنهنجي راءِ ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ هاڻ کان ڪيسز ۾ التوا ڏيڻ جي سوچ کي ختم سمجهو وڃي.

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پنهنجي ريمارڪس ۾ اهو به چيو ته سپرمي ڪورٽ ۾ تمام گهڻا ڪيسز ٻڌڻي هيٺ آهن. ذهن مان اها سوچ ڪڍي ڇڏيو ته ڪيسن ۾ تاريخ ڏني ويندي.

چيف جسٽس پاڪستان چيو ته ڪنهن به ڪيس ۾ هڪ تاريخ تي ڌرين کي نوٽيس جاري ٿيندو ۽ ٻئي ٻڌڻي ۾ دليلن تي فيصلو ڪيو ويندو.

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته هن ڪيس جي حوالي سان اهو پيغام سڀني جي لاءِ آهي ته هاڻ ڪيسن ۾ تاريخ نه ملندي. اهو ٻين ۾ عدالتن ٿيندو آهي ته دستاويزات جمع ڪرائڻ جو وقت ڏنو وڃي. سپريم ڪورٽ آخري عدالت آهي جتي سمورن ڪيسن جي فيصلن جو رڪارڊ اڳ ۾ جمع ڪرائڻو هوندو آهي.

چيف جسٽس پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪرائڻ وقت ان جا سمورا ڪاغذ پورا  هجڻ گهرجن.  ٻڌڻي دوران چيف جسٽس وڪيل جي آهستي ۽ اردو انگريزي ڳالهائڻ تي ڇنڊ پٽيندي چيو ته وڪيل جي آواز نه اچي ته ان کي وڪالت ڇڏڻ گهرجي. وڏي آواز ۾ دليل ڏيو، دليل هڪ زبان ۾ ڏيو پنهنجي اردو بهتر ڪريو يا انگريزي. جنهن کان پوءِ عدالت ڪيس جي التوا واري درخواست رد ڪري ڇڏي.