نيب پاران 3ڊويزن جي برسات متاثرن جي بحالي لاءِ جاري ٿيل رقم بابت جاچ شروع

سکر: نيب پاران 3ڊويزن جي برسات متاثرن جي بحالي لاءِ جاري ٿيل رقم بابت جاچ شروع ٿي وئي

گذريل برساتن دوران سرڪار پاران  3ڊويزن کي جاري ڪيل 4.80 ملين  روپين جي خرچ بابت نيب جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي

نيب سکر، لاڙڪاڻي ۽ شهيد بينظير آباد  ڊويزن جا مختلف آفيسرن کي اڄ رڪارڊ  سميت طلب ڪري ورتو، نيب چيف آفيسرز، سي ايم اوز،  ٽي اوز ۽ اڪائونٽنٽس کي اڄ رڪارڊ سميت پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو

ذريعن موجب ھيلٿ کاتي، ڊسٽرڪٽ ايڊمنسٽريشن  ۽ لوڪل گورنمينٽ جي آفيشلز ۽ آفيسرن  خلاف انڪوائري ھلندڙ آهي،  ڄاڻايل آفيسرن کي جاري ٿيل رقم ڪٿي،  ڪھڙي مد ۾ ۽ ڪيئن خرچ ٿي بابت  جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي

ذريعن موجب خريد ڪيل سامان جي ضلعي سطح  تي لسٽ، بڊز جي ٽيڪنيڪل رپورٽ به  پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊسٽرڪٽ سطح تي خرچ ڪيل رقم جي  رپورٽ سميت سموري رڪارڊ نيب آفيس سکر ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي